اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) ??رڏ??هي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هيگ ۾ ا?? پي سي ڊبليو جي هيڊڪوارٽر ۾ ڪيميائي هٿيارن جي خاتمي بابت تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل سفير فرنينڊو ايرياس سان ملاقات ڪئي. ??رڏ????ي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ ا?? پي سي ڊبليو جي وچ ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ا?? پي سي ڊبليو جي ڊائريڪٽر جنرل فرنينڊو ايرياس ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر طور ڪردار ۽ صلاحيت سازي جي مختلف پروگرامن ۾ پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان پنهنجي صلاحيت سازي جي پروگرام ۽ سڄي دنيا مان شرڪت ڪندڙن جي لاءِ عالمي تربيتي ڪورسز جي ذريعي پاڪستان ا?? پي سي ڊبليو جي ڪم ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن کي لاڳو ڪرڻ ۾ فعال طور تي تعاون ڪري رهيو آهي. ??رڏ??هي سيڪريٽري ا?? پي سي ڊبليو پاران ڪيل ڪم کي ساراهيو ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان ڪيم ٽيڪ ??ينٽر جي جلد آپريشنل ٿيڻ جو منتظر آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري جي هيگ ۾ ڪيميائي هٿيارن جي خاتمي بابت تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت