اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڀارتي پروپئگنڊه جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلم کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي دنيا کي اصل صورتحال کان آگاهه ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي اهتمام هيٺ ڪ??مي?? جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪ??مي??ين جي خراب حالت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ??ي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت جي لاءِ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ تصويرن جي نمائش کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪ??مي??ي عوام اڄ سياهه ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، هي ڏينهن هر سال ڀارت جي والاريل واديءَ ۾ غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪ??مي??ي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته نمائش جو بنيادي مقصد ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي پراڻي مسئلي بابت شاگردن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. هن تصويري نمائش ۾ شاگردن جي اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پنهنجي ت??ويرن ذريعي ڪ??مي??ي عوام جي ڏکن جي واضح عڪاسي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڀارتي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلمن کي دنيا ۾ موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن تصويري نمائش منعقد ڪرڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري ت??ويرن جو مقابلو کٽيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ۽ کين مبارڪُون ڏنيُون.
اسان کي دنيا کي ڀارتي ظلم کان آگاهه ڪرڻو پوندو: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo