پشاور – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چئن سالن ۾ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ 24 هزار ارب رپين جو قرض ورتو ويو، اربين رپين جي ڪرپشن ٿي، چئن سالن تائين وزيراعظم جي ??هدي تي رهندڙ شخص عوام سان صرف ڪوڙ ڳالهايو، ان وٽ ڪارڪردگي ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، گذريل حڪومت قرض وٺي ??لڪ جي معيشت تباهه ڪئي، ڪيستائين ڪستو کڻي ڦرنداسين، خيرات جي ??ريعي زندگي نه موت ملندي آهي، سمورن صوبن جي هڪ جهڙي ترقي تي يقين رکون ٿا، حقيقي پاڪستان ۾ سمورن ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي موقعا ڏينداسين، خيبرپختونخواهه سميت پ??ري پاڪستان جي ??وام لاءِ صحت جي مفت سهولت هوندي، گذريل حڪومت قرض وٺي ??لڪ جي معيشت تباهه ڪئي، جيڪو شخص چار سال وزيراعظم جي ??هدي تي هو، ان عوام سان ڪوڙ ڳالهايو، ان وٽ ڪارڪردگي ٻڌاڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، اسان جي ??ڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن قيمت ۾ پنجاب ۾ اٽو ملندو اها ئي قيمت خيبرپختونخواهه ۾ رکي ويندي، عوام جي ??وشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشام ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ان کان اڳ شانگلا جي ??وام وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف بشام ۾ ميديڪل ڪاليج قائم ڪرڻ سميت بنيادي مسئلن جي ??ل لاءِ 2 ارب رپيا گرانٽ جو اعلان ڪيو. ميڙ کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽي هفتا اڳ هن خادم پاڪستان جو عهدو سنڀاليو، ان دوران پوري ??لڪ دورو ڪيو، خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان اڳ شانگلا جي ??وري جو فيصلو ڪيو، خيبرپختونخواهه پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي، هي اهو صوبو آهي جنهن جي ??اريخ قربانين سان ڀريل آهي، صوبي جي ??وام بهادر ۽ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. خيرپختونخواهه ۾ نواز شريف جا شينهن رهن ٿا، شانگلا جي ??يور عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عوام جي لاءِ ڪوڙا واعدا نه ڪندس سڀ کان اڳ پاڪستاني آهيان ان کانپوءِ ڪجهه ٻيو آهيان، عاوم جي ??دمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندس، مسلم ليگ (ن) جي 10 سالا حڪومت دوران پنجاب ۾ يتيم ۽ بيواهن جو مفت علاج ٿيندو هو، اڄ چار سال کانپوءِ ٻيهر پنجاب ۾ مفت علاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جيستائين جان ۾ جان آهي قوم جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندس. شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي صحت جي ??هولتن کان محروم رکيو، اڳوڻي حڪومت اسپتال ٺاهڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو، خيبرپختونخواهه ۾ عوامي فلاحي منصوبن کي ڄاڻي واڻي دير جو شڪار ڪرايو ويو، پنجاب ۾ بند منصوبن کي چالو ڪيو، مهانگائي چار سال ۾ عروج تي هلي وئي ۽ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا ويا، چار سالن ۾ 24 هزار ارب رپيا قرض ورتو، اربين رپين جي ڪرپشن ٿي، اسان 11، 11 مهينن ۾ ميٽرو بسون هلايون، واعدو آهي ته صوبي جي ??نيادي مسئلن جي ??ل لاءِ جان لڳائي ڇڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي پوري پاڪستان ۾ تباهي مچائي ڇڏي، اٽو ۽ کنڊ غريب خاندان جي پهچ کان ٻاهر نڪري وئي، اسان جي ??ڪومت رمضان ۾ کنڊ ۽ اٽو سستو ڪيو. هن چيو ته اڪيلي پنجاب جي ??رقي پاڪستان جي ??رقي نه آهي سمورن صوبن جي هڪ جهڙي ترقي تي يقين رکون ٿا، حقيقي پاڪستان ۾ سمورن ماڻهن کي هڪ جهڙا موقعا ڏينداسين، خيبرپختونخواهه سميت پ??ري پاڪستان جي ??وام لاءِ صحت جي مفت سهولت هوندي، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سمورين اسپتالن ۾ دوائون ۽ علاج مفت يقيني بڻائي، جيڪڏهن وڏي وزير اٽو سستو نه ڪيو ته ان جي لاءِ اربين رپين جي ??قم ڏئي صوبي جي ??وام جي لاءِ اٽو سستو ڪندس، اٽي جي ??يڪا قيمت پ??جاب ۾ هوندي اها ئي قيمت خيبرپختونخواهه ۾ رکي ويندي، خادم پاڪستان عوام جي ??رقي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪندو، اسان جي ??ڪومت عوام جي ??وشحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سستو اٽو، کنڊ، گيهه ۽ داليون مهيا ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته چار سال کان جيڪو شخص وزيراعظم جي ??هدي تي هو ان عوام سان ڪوڙ ڳالهايو، ان وٽ ڪارڪردگي ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، گذريل حڪومت قرض وٺي ??لڪ جي معيشت تباهه ڪئي، ڪيستائين ڪستو کڻي ڦرنداسين، خيرات جي ??ريعي زندگي نه موت ملندي آهي، الله تعاليٰ چوي ٿو ته محنت ڪريو ۽ پنهنجي پيرن تي بيهو. هڪ ڏينهن ضرور ايندو ته سبز هلالي جهنڊو دنيا جي ??مورن جهنڊن کان مٿي هوندو، رت ۽ پگهر وهائڻ سان ئي اسان جو فقيرن وارو روپ ختم ٿيندو، ڪاميابي جي لاءِ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن يقين ڏياريو ته ڪڻڪ جي ??والي سان مون کان ڪا گلا نه ايندي، ??لڪ ۾ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، جڏهن ته ان جي لاءِ ضروري آهي ته صوبائي حڪومت ڪڻڪ جي ورڇ منصفاڻي ڪري. هن 132 ڪي وي پورن گرڊ اسٽيشن ٽن مهينن جي ??ندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ بشام ۾ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ سميت بنيادي مسئلن جي ??ل لاءِ 2 ارب رپيا گرانٽ جو اعلان ڪيو. آخر ۾ هن عوام کان واعدو ورتو ته محنت ڪندا، پاڪستان کي عظيم بنائيندا، ??لڪ جو خيرات وٺڻ وارو رويو ختم ڪندا جنهن تي پنڊال ۾ شريڪ عوام هڪ زبان ٿي چيو ”انشاءَ الله“.
چئن سالن ۾ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ 24 هزار ارب رپين جو قرض ورتو ويو، اربين رپين جي ڪرپشن ٿي، چئن سالن تائين وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ شخص عوام سان صرف ڪوڙ ڳالهايو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن