اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪ??ال??جي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. اها ڳالهه هن هواوي ٽيڪ??ال??جيز جي نائب صدر (وچ اوڀر خطي) وانگ شن لي سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وفد سميت پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڊجيٽل ٽيڪ??ال??جي جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هواوي ٽيڪ??ال??جيز جي نائب صدر پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ ??ما??ي ذميداري تحت جاري قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير هواوي ٽيڪ??ال??جي پاران پاڪستان ۾ سرڪاري آفيسرن لاءِ ٽيڪنيڪي تربيتي ڪورسز جاري ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪورونا وبا جي دوران ??ما??ي بندشن جي ڪري ڊجيٽل ٽيڪ??ال??جي جي استعمال ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو، پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪ??ال??جي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان موجوده گهرجن کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان موثر قدم کنيا، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جا 114 سفارتخانا ڊجيٽل ٽيڪ??ال??جي جي ڪر?? ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهن، سفارتخانن ۾ قائم ڊجيٽل سينٽرز جي ڪري ڪاغذن جي آن لائين تصديق سميت ڪيترين ئي قونصلر خدمتن جي فراهمي جو سلسلو ڪاميابي سان جاري آهي. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل ”پورٽلز“ انهي ڊجيٽلائيزيشن جي فروغ جو نتيجو آهن. هواوي ٽيڪ??ال??جيز جي نائب صدر وانگ شن لي حوصلا افزائي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. وفد ۾ هواوي پاڪستان جي سربراهه مارڪ منگ، ڊپٽي سي اي او، ووهان ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ ريليشنز هواوي ٽيڪ??ال??جيز احمد جهانزيب ملڪ شامل هئا.
پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ