اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪس??ان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪس??ان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪس??ان جي ق??ام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهڻ جي ضرورت آهي. قدرت پاڪس??ان کي هر قسم جي ??عم?? سان نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان جي ڊائمنڊ جوبلي 2022ع ??ي تقريبن جي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگارن ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نواز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان کي تقريبن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائمنڊ جوبلي جي حوالي سان پاڪس??ان جي تاريخ، ثقافت قومي هيروز، تحريڪ پاڪس??ان جي مشهور عورتن، مقامي راندين، سياحت، معيشت، گرين پاڪس??ان ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپن جي حوالي سان ڊاڪيومينٽريز ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪس??ان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهايون وينديون. انهن تقريبن جو مقصد پاڪس??ان جي ڌار سڃاڻپ، ثقافت ۽ منفرد جاگرافيائي کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته پاڪس??ان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪس??ان جي ق??ام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهائڻ جي ضرورت آهي، قدرت پاڪس??ان کي هر قسم جي ??عم?? نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج