اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي انساني همدردي، ثقافت ۽ خانداني معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل طارق علي بخيت او آءِ سي پاران مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان عوام جي ڀرپور مدد جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ڪانفرنس افغا??ست??ن ۾ انساني بحران مان سرخرو ٿيڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار رکندڙ هوندي، ان ڏس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس ۾ تمام اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم پاران افغا??ست??ن جي موجوده صورتحال تي سعودي عرب جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس گهرائڻ جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا، هن پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو اد?? ڪيو، هن اميد ظاهر ڪئي ته اها ڪانفرنس پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ان ڪانفرنس ج?? ڪيترائي مقصد آهن ته ڪهڙي طرح او آءِ سي افغا??ست??ن جي موجوده صورتحال ۽ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙي طرح او آءِ سي افغا??ست??ن ۾ انساني همدردي امداد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي سگهي ٿي، اهو ڪانفرنس جو بنيادي مقصد آهي ۽ هي ڪانفرنس ان ڏس ۾ اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪندي، هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ ان انساني بحران جي حل لاءِ جامع ۽ ٺوس قدمن تي به غور ڪيو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي ان کان اڳ ماضي ۾ به وزارتي ۽ سربراهي سطح تي افغا??ست??ن جي صورتحال جي حوالي سان ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي افغا??ست??ن ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ هي ڪانفرنس طلب ڪئي وئي آ??ي، ان ڪانفرنس ۾ ميمبرن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته او آءِ سي افغا??ست??ن جي ان نازڪ صورتحال جي حوالي سان گهڻي سنجيده ۽ پرعزم آ??ي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس افغان عوام جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ او آءِ سي ان ڏس ۾ سمورن ادارن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي.
او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس ۾ تمام اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪئي ويندي: اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری