اسلام ??باد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٻارن کي پاڪستان جو مستقبل ۽ معمار قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت نئين نسل کي خاص طور تي معياري ۽ جديد تعليم جي فراهمي تي خاص ڌ??ان ڏئي رهي آهي، اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ کي خوبصورت، خوشحال ۽ مضبوط بڻائينداسي??، ٻار معصوم ۽ اندر جا سچا هوندا آهن، قوم جا نونهال منهنجي جان آهن ۽ مون کي انهن تي فخر آهي انهن کي هر ممڪن بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اسلام ??باد ۾ وزيراعظم تعليمي سڌارن واري پروگرام ??حت اسلام ??باد جي اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت جي حوالي سان نئين بسن جي فراهمي واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ٻار پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ مستقبل جا معمار آه??، ٻار انشاءَ الله پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا، اسان جيڪو ڪجهه پنهنجي ملڪ لاءِ ڪري رهيا آهيون ٻار ان کان 100 سيڪڙو وڌيڪ ڪندا ان لاءِ اسان چاهيون ٿا ته هر اسڪول خوبصورت هجي اتي بهترين ماحول هجي ۽ ٻارن کي سموريون سهولتون دستياب هجن.
حڪومت جديد تعليم جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا