اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا دوستي کان وڌي ڀائراڻا آهن ۽ اهي لاڳاپا مسلمان امت ۽ انسانيت جي بهتري جو سبب بڻجندا. هن اها ڳالهه ترڪ مذ??ب?? معاملن جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن پروفيسر ڊاڪٽر محمت گورمز جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذ??ب?? معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ ترڪ سفير بابر گورگن پڻ موجود هئا. صدر چيو ته وفدن جي مسلسل مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته اسان امام حاطب اسڪول سسٽم قائم ڪرڻ جي تجويز کي ساراهيون ٿا ۽ ترڪيءَ ۾ اسلامي يونيورسٽي جي طرز تي قائم ٿيندڙ يونيورسٽي سان ٻنهي يونيورسٽين جي وچ ۾ تع??ون وڌايو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی