ڪوئيٽا – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته صحت پروگرام جو مقصد غريبن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، اڄ عوامي خدمتن جي سفر جو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو پيو وڃي، هڪ هڪ شهري کي سهولت فراهم ڪرڻ تائين اهو سفر جاري رهندو. گورنر هائوس ۾ ڪوئيٽا جي ??ستحق خاندانن ۾ صحت ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسڪيم تحت موذي خطرناڪ بيمارين جو مفت علاج ٿيندو، هاڻي ڪنهن غريب کي پنهنجي علاج جي ??اءِ پنهنجي گهر جو سامان وڪڻڻو نه پوندو. مستحق ماڻهن جا انگ اکر بي آءِ ايس پي ۽ نادرا کان حاصل ڪيا ويا. آئون عوام جي ان کان به وڌيڪ خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته سيڙپڪاري ۽ سهولتن جي ??راهمي جي ??اءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ امن امان ٿئي، بدامني جي ??احول ۾ روزگار جا موقعا ??ه ٿا ملن، اسان سيڙپڪاري جي ??اءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيا ??هن، ملڪ کي بدعنواني کان پاڪ ڪرڻو آهي ته جيئن ڪا مافيا ??وام جي ??فاد سان نه کيڏي.
صحت پروگرام جو مقصد غريبن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج