واشنگٽن-10 جنوري (??ي پي پي)آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو روس جي صدر سان ملڻ چاهي ٿو سندن وچ ۾ مل??قات لاءِ اهتمام ڪيو پيو وڃي. سندس اه??و بيان اقتدار سنڀالڻ کان ڏيڍ مهينو اڳ سامهون آيو آهي. ان کان اڳ هن پنهنجي چونڊ مهم دوران يوڪرين ۾ امن قائم ڪرڻ جا واعده ڪيا هئا. ميڊيا رپورٽن موجب ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا جي پام بيچ ۾ پنهنجي مارا اي لاگو ريزارٽ ۾ ريپبلڪن گورنر سان مل??قات دوران چيو ته صدر پيوٽن سان ملڻ چاهي ٿو ۽ اسان مل??قات جو اهتمام ڪري رهيا آهيون. هن عوامي سطح تي پڻ چيو آهي ته روس جو صدر ساڻس مل??قات ڪرڻ چاهي ٿو اسان کي رتو ڇاڻ واري جنگ ختم ڪرڻي پوندي. واضع رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪڏهن به جنگ بندي يا امن معاهدي لاءِ ڪا ٺوس تجويز پيش نه ڪئي آهي ۽ آمريڪا پاران يوڪرين کي موڪليل فوجي امداد تي اڪثر تنقيد ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena