ابوظهبي -18 مارچ (اي پي پي)گڏيل عرب ??ما??تن جي پرڏيهي وزير پنهنجي ويزا ڇوٽ پاليسي تحت 87 ملڪن کي اڳواٽ ويزا جي ڇوٽ واري فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو مقصد سيا??ن لاءِ سفر کي آسان بڻائڻ آهي. گلف نيوز مطابق گڏيل عرب ??ما??تن جي ڊجيٽل حڪومت ??اضح ڪيو ته جي سي سي جي شهرين کي ملڪ جو دورو ڪرڻ لاءِ ويزا يا اسپانسرشپ جي ضرورت ناهي. هو يو اي اي جي داخلي بندرگاهن تي پهچڻ تي جي سي سي رياست طرفان جاري ڪيل پاسپورٽ يا سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري داخل ٿي سگهن ٿا. انهن سمورن 87 ملڪن جا شهري هاڻي ??ما??ت پهچي موقعي تي ويزا حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ کين اڳواٽ ويزا حاصل ڪرڻ واري شرط پوري ڪرڻ لازمي نه هوندو.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب