اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي، اهي ڪارروايون چونڊن تي اثرانداز نه ٿينديون، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ادارن جي ڪارروائي سان اختلاف آهي ته ??هو اعليٰ عدليه سان رجوع ڪري سگهي ٿو. هو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستابي ادب جا 70 سال جي موضوع تي قومي ادبي سيمينار کي خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سيد علي ظفر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ??سان پوري قوم کي يقين ڏياريون ٿا ته 25 جولاءِ 2018ع تي ئي عام چونڊون ٿينديون، نگران حڪ??مت جي اها ذميواري آهي ته ??يندڙ عام چونڊن کي صاف، شفاف، پرامن ۽ غيرجانبداراڻو بڻايون. هن چيو ته ??يڪڏهن ڪو به جاچ ادارو قانون ۽ آئين موجب ڪارروايون ڪري رهيو آهي ته ??هو ان جو حق آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ايجنسي ??ان ڪا شڪايت آهي ته ??هو هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي فورم سان رجوع ڪري سگهي ٿو.
قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری