ڪراچي – 21 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عوام کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي اندر خوداعتمادي پيدا ڪرڻ گهرجي، اهڙي ئي طرح معاشري ۽ رياست پاران لاڳو ٿيندڙ ذميوارين جي ادائيگي ۾ پڻ ڪا ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي. صدر اها ڳالهه زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ وفدن سا?? ڳالهائيندي چئي. وفدن ۾ قانوندانن، تعليمي ماهرن ۽ د??نشورن سميت معاشري جا نمائنده ماڻهو شامل هئا. صدر چيو ته قومي ترقي کي حقيقي بنياد تعليم فراهم ڪري ٿي، ان لاءِ ضروري آهي ته تعليمي ادارن ۾ معياري نطم ۽ ضبط قائم ٿ??ي ۽ تعليم جي معاملي ۾ ڪنهن به ڪوتاهي کان ڪم نه ورتو وڃي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات