اسلام آباد – 07 اپ??يل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آه?? ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، ملڪ جي مختلف حصن ۾ دهشتگردي ۽ لاقانونيت جا مسئلا درپيش رهيا آهن جن تي گه??ي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻي آپريشن ردالفساد ذريعي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خل??ف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، حڪو??ت دهشتگردي جهڙي فتني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات دوران چئي ان موقعي تي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي تربيت هيٺ آفيسرن کانسواءِ اعليٰ عملدار موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا