اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد نواز شريف ٽيڪسٽائيل، زرعي مشينري ۽ دواسازي جي شعبن ۾ وسيع تر حصيداري سان سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو آهي. ??زي??اعظم هائوس ۾ سينيگال جي صدر م??ڪي سال سان خصوصي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران ??زي??اعظم ٻطرفي واپار کي 30.469 ملين ڊالر ساليانو جي موجوده سطح کان وڌائي حقيقي صلاحيتن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وقت پاڪستان جي سينيگال جي لاءِ ساليانو روانگي واپار 29.33 ملين ڊالر آهي جڏهن ته سينيگال سان آمدني واپار جو ڪاٿو 1.06 ملين ڊالر آهي. ڳالهين دوران ??زي??اعظم محمد نواز شريف ۽ سينيگال جي صدر پنهنجي پنهنجي وفدن جي سربراهي ڪئي. ??زي??اعظم نواز شريف سينيگال جي صدر تي زور ڀريو ته هو چمڙي ۽ هلڪي انجنيئرنگ جي مص??وع??ت، زرعي مشينري ۽ ساز و سامان سميت پاڪستاني مص??وع??ت مان فائدو کڻي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي واپار واري ??زي?? جي سربراهي ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد سينيگال جو دورو ڪري سگهي ٿو. هن شگر ۽ سيمنٽ پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيگال کي فني تعاون جي فراهمي کانسواءِ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔