گڏيل قومون – 18 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل ۾ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت لاءِ فلسطين جي درخواست تي ووٽنگ (اڄ) جمعي ??ي ٿيندي. ٻئي پاسي سفارتڪار?? چيو آهي ته گڏيل قومن ?? فلسطين جي مڪمل رڪنيت هڪ اهڙو قدم آهي جنهن کي اسرائيل جو اتحادي ويٽو ڪندي روڪي ڇڏيندو ڇو جو اهو فلسطيني رياست کي موثر طريقي سان تسليم ڪرڻ جي برابر ٿي سگهي ٿو. برطانوي خابرو اداري رائٽرز مطابق سفارتڪار?? چيو آهي ته 15 رڪني سلامتي ڪائو??سل ۾ ٺهراءُ جو هڪ مسودو تي ووٽنگ اڄ منجهند 3 وڳي ٿيندي. سلامتي ڪائو??سل طرفان ٺهراءُ جي منظوري ۾ 193 رڪني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي سفارش ڪئي ويندي ته رياست فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت ڏني وڃي. سلامتي ڪائو??سل جي ٺهراءُ جي حق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي. سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته ان قدمن کي ڪائو??سل جي 13 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪو آمريڪا کي پنهنجو ويٽو استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.
فلسطين لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي ٺهراءُ تي سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽنگ (اڄ) ٿيندي
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena