ساپالو – 15 جنوري (اي پي پي) برازيل جي ڏکڻ اوڀر واري ر??است ريوڊي جنيرو ۾ شديد برساتن سبب مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ ٻ??ڏ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق برساتن ريوڊي جنيرو شهر جي اترئين حصي ۽ ويجهن ميونسپلٽيز سميت نائٽروئي، ڊيوڪ ڊي ڪسياس، پلفورڊروڪسو ۽ ساجوس ڊي م??رٽي کي پڻ متاثر ڪيو ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ گهٽيون ب??ڏ جي پاڻي سان ڀرجي ويون. فائر ڊيپارٽمنٽ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجا گهر خالي ڪرڻا پيا. شهر جي م??ئر ايڊورڊ پيس هنگامي وسيلن تائين پهچ ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي سار سنڀال لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا وفاقي حڪومت طرفان متاثر ??لائقن لاءِ امداد جو اعلان ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن