مدينه منوره- 18 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي اختيارين چيو آهي ته مسجد نبوي ۾ هڪ هفتي د??ران 51 لک کان وڌيڪ زائرين جي آمد ٿي جڏهن ته 15 هزار کان وڌيڪ بزرگن ۽ معذورن کي ??اص سهولتون ڏنيون ويون. سعودي عرب جي خابرو اداري مسجد نبوي انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي د??ران 51 لک 19 هزار زائرين جي مسجد نبوي ۾ آجيان ڪئ?? وئي. 15 هزار 295 بزرگن ۽ معذورن کي ??اص سهولتون ڏنيون ويون.5 لک هڪ هزار 938 زائرين روضه رسول ص??ي الله عليه وآله وسلم تي حاضري ڀري جڏهن ته 2 لک 34 هزار 341 زائرين رياض الجنه ۾ نماز ادا ڪئ??. انتظاميا جو چوڻ آهي ته مختلف ٻولين ۾ ترجمي جي سهولتن مان 87 هزار 446 زائرين لاڀ ماڻيو جڏهن ته مسجد نبوي جي لائبر??ري مان لاڀ کڻندڙ ن جو انگ 13 هزار 584 تائين رهيو. ان کان علاوه زائرين کي 42 هزار 125 تحفه ڏبا ويا جڏهن ته 8 هزار 638 فون سروسز ۽ ٻين مواصلاتي چينلز مان فائدو کنيو ويو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته زائرين ۾ هڪ هفتي د??ران هڪ لک 11 هزار 600 زمزم جون بوتلون ۽ 92 هزار 992 افتار پيڪيٽس ورهايا ويا.
مسجد نبوي ۾ هڪ هفتي دوران 51 لک زائرين جي آمد، بزرگن ۽ معذورن کي خاص سهولتون ڏنيون ويون: انتظاميا
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ